اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بڪين ۽ جيري جي اسپتال پاڪستان ڪڊني اينڊ لور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) لاهور جي بورڊ جي بحا??ي جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر سعيد ??خت?? کي آمريڪا مان واپس گهرائي پوءِ پي ڪي ايل آءِ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، چار سال اڳ ڊاڪٽر سعيد ??خت?? عدالتي ڪارروائي ۽ ٻين مسئلن کانپوءِ آمريڪا واپس هليو ويو هو، ڊاڪٽر سعيد ??خت?? شهباز شريف پاران جذبو ڏيارڻ تي آمريڪا مان سڀ ڪجهه ڇڏي پاڪستان آيو هو، وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر سعيد ??خت?? کي واپس آڻڻ ۾ ذاتي ??ور تي ڪردار ادا ڪيو، پي ڪي ايل آءِ گردي ۽ جگر جي پيوندڪاري جو جديد ترين ۽ عالمي معيار رکندڙ اولين ادارو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير ??ور اهو منصوبو جگر ۽ گردي جي مريضن کي ٻاهرين ملڪ علاج جي مهانگي خرچن ۽ سفري وقت بچائڻ لاءِ بڻايو هو، عمران خان حڪومت ۾ ان منصوبي کي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو.
وزيراعظم پاران پي ڪي ايل آءِ لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک