اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي لاءِ اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ گهرجي، قائداعظم محمد علي جناح مذهبي هم آهنگي جو زبرست قائل هو ۽ قيام پاڪستان کانپوءِ به هن ملڪ ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ کين برابر جا حق ڏيڻ جو پرچار ڪيو. صدر مملڪت اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام بين المذاهب ڪائونسل براءِ امن ۽ يڪجهتي پاڪستان مذهبي معاملن واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو. ڪانفرنس کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي ??زي?? علي محمد خان، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪيمونارا ۽ ٻين شخصيتن خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جا سمورا مذهب ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو درس ڏين ٿا، حضور اڪرم ﷺ جو طريقيڪار اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي جنهن کي خلفائي راشدين به جاري رکيو، صدر چيو ته اسلام مذهبي منافرت کان سخت خلاف ??هي?? ڀارت ۾ مسلمانن جي تاريخ کي مسخ ڪري انهن جي خلاف ظلم ۽ تشدد ٿي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف قانون ٺاهيا پيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي لاءِ ڪرتار پور راهداري کي کوليو ??هي?? صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ساڻس لاءِ اعزاز ??هي?? هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سندس ساٿين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس والد مرحوم عبدالڪبير آزاد جو بين المذاهب هم آهنگي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي ۽ هن مختلف مذهبن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهن کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ??هي?? صدر چيو ته دنيا کي سٺي قيادت جي ضرورت ??هي?? مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي منافرت جي پو??ان استحصال جو نظريو ڪارفرما ??هي?? انساني استحصال بند ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ديني شخصيتن، اسڪالرن ۽ ٻين نمائنده ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي ??زي?? علي محمد خان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مساوات ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکون ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي لاءِ ڪوششون ڪري رهي ??هي?? هن چيو ته صدر ۽ ??زي??اعظم جو ان سلسلي ۾ قائداڻو ڪردار ??هي?? قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ مذهبي آزادي جو حامي هو ۽ ??زي??اعظم عمران خان رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي ??يڪ?? هڪ بهترين قدم ??هي?? اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 1973ع جي آئين تحت پاڪستان جي سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسلامي روايتون سدائين بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏنو آهي. يورپي يونين جي سفير اينڊرو لاڪامينارا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ مڪالمه ضروري ??هي?? هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي هڪ جهد مسلسل آهي ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي جو حق حاصل آهي. ان کان اڳ صدر بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهايا، ڪانفرنس ۾ مڪه، ميڊرڊ، يورپي يونين، پاڪستان، ابوظهبي ۽ مراڪش پڌرنامي جي روشني ۾ هڪ گڏيل پڌرنامو تيار ڪيو ويو جنهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي حمايت ڪئي.
اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا