اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته پياري نبي ڪريم حضرت محمد صلي الل?? عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ الله تعاليٰ جو اسان لاءِ تمام وڏو انعام آهي جنهن جو شڪر ادا ڪرڻ به وڏي سعادت آهي.
هن جشن عيد ميلاد النبي صلي الل?? عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مسلم امت کي رحمت اللعالمين صلي الل?? عليه وسلم جن جي يوم ولادت جون مبارڪون ڏيندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو ت?? نبي ڪريم صلي الل?? عليه وسلم جن جي سيرت کي عملي طو?? تي اپنايون، ڪمزورن، غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن سان شفقت ۽ محبت رحمت اللعالمين صلي الل?? عليه وسلم جن جو در?? آهي.
انساني تاريخ ۾ ڪامل، قابل ۽ تقليد هستي پاڻ ڪريم صلي الل?? عليه وسلم جن جي ذات مبارڪ آهي. حضور پاڪ صلي الل?? عليه وسلم جن جي اطاعت ۽ پيروي کي هر سطح تي نافذ ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي.