اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندن وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ انه?? جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي. هن اها ڳالهه سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن هيٺين سطح تي عملدار رشوت وٺندا آهن ته ان سان عام شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ڇو ته رشوت جو پئسو هڪ طرح سان انهن تي ٽيڪس وانگر آهي پر جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندس وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويندا آهن ۽ انه?? جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊ?? جو تازو ”ميمورنڊم آن ايسٽبلشنگ دي فائيٽ اگينسٽ اينٽي ڪرپشن از اي ڪوريونائٽڊ اسٽيٽيس نيشنل سيڪيورٽي انٽرسٽ“ جو اقتباس به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ صدر جوبائيڊن پنهنجي سينئر آفيسرن کي طرز حڪمراني ۾ بهتري، ناجائز ماليات جي سمورن صورت?? جو مقابلو ڪرڻ، بدعنوان عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪرپشن جي تدارڪ لاءِ ملڪي ۽ عالمي قومي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري لاءِ مختلف ايجنسين ۽ ادار?? جو جائزه عمل اختيار ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي آهي.
حڪومتي سربراهه بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات