ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۽ سياست جي ميدان ۾ شروعات ۾ کيس وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر هن حوصلو نه هاريو ۽ جدوجهد جاري رکي، جيڪو چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ??ٿو رکي اهو چيمپئين ??ٿو بڻجي سگهي، راند اسان کي اهو ئي سبق ڏئي ٿي ته اسان کي همت ناهي ه??رڻي ۽ جدوجهد جاري رکڻ?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪن راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نامل راجا پاڪسي طرفان پنهنجي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سا?? خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ سريلنڪا جي اسپورٽس ڪميونٽي سا?? تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته راندين جون سرگرميون اسان کي اهو سيکارينديون آهن جيڪو اسڪولن ۾ نصابي تعليم جي ذريعي ??ٿو سکي سگهجي. اهي اسان کي مختلف چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ، مقابلو ڪرڻ ۽ جدوجهد جو سبق ڏينديون آهن. هن چيو ته اهو ضروري ناهي ته سڀ کان قابل رانديگر ئي چئمپين بڻجي پر اصل رانديگر اهو هوندو آهي جيڪو ناڪامين ۽ هار مان سکي اڳتي وڌي ٿو ۽ حوصلو ??ٿو هاري، جنهن کي شڪست کي منهن ڏيڻ ??ٿو اچي اهو چئمپين ??ٿو بڻجي سگهي، حوصلو هاريندڙ ڪڏهن به پنهنجي خوابن جي تعبير ??ٿو ماڻي سگهي، زندگي ۾ جڏهن به شڪست درپيش هجي ته اسان لاءِ ان مان سکڻ جي لاءِ سبق هوندو آهي. هن چيو ته زندگي ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آهي، ڪاميابي اها ناهي هوندي ته توهان سٺو وقت ڪيئن گذاريو ٿا پر ڪاميابي اها هوند?? آهي ته توهان بري وقت کي ڪيئن منهن ڏيو ٿا، ناڪامي سا?? ڪجهه ماڻهو حوصلو هاري ويندا آهن پر جيڪي ناڪامي مان سبق سکندا آهن ۽ جدوجهد ڪندا آهن اهي ئي اڳتي وڌندا آهن. رانديون اسان کي اهو ئي سبق ڏينديون آهن ته اسان کي همت ناهي ه??رڻي. هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ گهڻو سٺو رانديگر نه هئس، جڏهن پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مون کي ڊراپ ڪيو ويو هو ۽ ٽن سا??ن تائين آئون ٽيم کان ٻاهر رهيس پر مون حوصلو نه هاريو ۽ ڪوشش جاري رکي، ڪيترائي ڪرڪيٽرز آهن جنهن کي هڪ ڀيرو جيڪڏهن ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو ته پوءِ هو ٻيهر ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا پر جيڪڏهن توهان ۾ ٽيلينٽ هجي ته پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي واپس اچي سگهو ٿا.
ڪرڪيٽ ۽ سياست ۾ شروعات ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر حوصلو نه هاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری