اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، ن??ري??ت، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف کي پارٽي صدر جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو پاناما فيصلي جي هڪ ٻي ڪڙي آهي ۽ هي اهو ئي فيصلو آهي جنهن جي اسان اميد ڪري رهيا هئاسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري مملڪتي وزير چيو ته سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان ب?? هڪ ڳالهه چوڻ چاهينديس ته پارليامينٽ ته ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ان ۾ هر اداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ڇو ته سينيٽ چونڊون ملتوي ٿيڻ يا دير جو شڪار ٿيڻ جمهوريت ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ مناسب نه آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج