اسلام آ??اد – 14 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، صنعت ۽ ڪم ۽ اقتصادي ترقي جي نئين دور ۾ قدم رکي چڪو آهي، نئين دور جون گهرجون مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سائنسدان ۽ محقق پنهنجي ڀرپور توانائيون استعمال ڪن، خلائي تحقيق جو شعبو ان سلسلي ۾ انتهائي اهم آهي. هن اها ڳالهه انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي (آءِ ايس ٽي) ۾ پنجين عالمي ايرو اسپيس سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس جي افتتاحي تق??يب کي خط??ب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڪانفرنس جي چيئرمين ۽ آءِ ايس ٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر عمر??ن رحمان ۽ آءِ ايس ٽي جي ڊين ڊاڪٽر اقبال مسعود پڻ ڳالهايو. صدر چيو ته اسان جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن بي مثال ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت