پيرس-06 نومبر (اي پي پي) فرانس ۾ 7 خاندانن ٻارن کي ن??صا??ڪار مواد سبب متاثر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چيني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي ڪيس داخل ڪيو آهي. اي ايف پي موجب ف??انسيسي خاندانن سوشل ميڊيا پليٽ فورم خلاف عدالت جو رخ ڪيو آهي. انهن خاندانن جو چو?? آهي ته سڄي دنيا ۾ اٽڪل 1.6 ارب صارفين وارو اهو پليٽ فارم ٻارن کي اهڙو مواد فراهم ڪري ٿو جيڪو انهن کي ن??صا?? پهچائيندڙ، آپگهات ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۾ خرابين طرف راغب ڪري ٿو انهن ۾ اهڙا خاندان به شامل آهن جن جي نياڻين آپگهات ڪيو ۽ 4 اهڙا خاندان به آهن جن جو چو?? آهي ته ٻارن ٽڪ ٽاڪ جي مواد جي اثر هيٺ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان شڪايت ڪندڙ هڪ ٻئي خاندان جو چو?? آهي ته ان ايپ سبب انهن جي ٻارکي کاڌي جو مسئلو ٿي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا