واشنگٽن- 5 جون (اي پي پي)آمريڪي صدر جو بائ??ڊن هلندڙ هفتي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو. وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق صدر جو بائ??ڊن هلندڙ هفتي فرانس جي شهر نارمنڊي ۾ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو جڏهن ته اٽلي ۾ جي – 7 اجلاس ۾ روس خلاف يوڪرين جي جنگ تي ڳالهيون ڪندو.آمريڪي قومي سلامتي جو مشير جيڪ سليوان پئرس جي سفر دوران ميڊيا کي ٻڌايو ت?? هن هفتي نارمنڊي ۾ ٻي عالمي جنگ جي ڊي ڊي لينڊنگ جي 80 هين ورسي جي موقعي تي صدر جو بائ??ڊن جي سندس يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات متوقع آهي. هن ٻڌايو ت?? صدر جو بائ??ڊن 13 کان 15 جون تائين اٽلي جي شهر باري ۾ جي – 07 اجلاس يوڪرين جي صدر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. جتي يوڪرين جي جنگي ڪوششن جي حمايت لاءِ منجمند روس جي فنڊن جي استعمال تي ڳالهيون پڻ متوقع آهن. ان کان علاوه صدر جو بائ??ڊن جي- 7 اجلاس جي ترت ??ي سوئٽزرلينڊ جي شهر لوسرن ۾ منعقد ٿيندڙ يوڪرين بابت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ناهي ڪري رهيو.
صدر جو بائيڊن هلندڙ هفتي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪندو: وائيٽ هائوس
مضمون کا ماخذ : ریل رش