ابوجا-09 جنوري (اي پي پي)نائجير??ا جي آنامبرا صوبي ۾ هڪ مسافر ٻيڙي ٻڏي وڃڻ سبب 05 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. ٽي آر ٽي قومي ميڊ??ا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڪوگي صوبي کان آنامبرا صوبي طرف مسافر بردار ٻيڙي نائجير??ا جي درياهه ۾ ٻڏڻ جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي مليل انگن اکرن موجب 05 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته 30 ڄڻن کي بچايو ويو. اختيارين مطابق امدادي ڪارروايون جاري آهن جڏهن ته ٻيڙي ۾ سوار ڪل مسافرن بابت درست معلومات ناهي ملي سگهي. فوتين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : راکی