اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ بااعتماد ۽ سستي ??راڊبينڊ رابطي جي سهولت کي ي??ين?? بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي سمورن حصن ۾ سستي ??گهن تي ??راڊ بينڊ جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ته ج??ئن ملڪ جي ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ عام ماڻهو کي ڊجيٽل سهولتون مهيسر اچي سگهن. هن اها ڳالهه هتي مقامي هوٽل ۾ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا)، خيبر، مهمند ايجنسي ۽ ڊي آءِ خان ۾ پائيدار ترقياتي منصوبن لاءِ براڊ بينڊ جي معاهدي تي ??حيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم يونيورسل سپورٽ فنڊ (يو ايس ايف) جي مدد سان ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ براڊ بينڊ جي سهولتن جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان سان ماڻهن کي انهن جي گهر جي چائنٺ تي ??ديد سهولتن جي فراهمي جي ذريعي شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن جي وچ ۾ فرق ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
وزيراعظم پاران وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ پائيدار ترقياتي منصوبن لاءِ براڊ بينڊ جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ