واشنگٽن – 18 آڪتوبر (اي پي پي) عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو ق??ار ڏيندي مذهبي عدم برداشت جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميش?? جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بي جي پي جي اقتدار واري د??ر ۾ ڀارت ۾ مذهبي مت ڀيد جي پاليسين کي هٿي ملي. مذهبي اقليتن ۽ سندن حامين جو آواز دٻايو پئي وڃي ۽ انهن جون زندگيون مشڪل ڪيون پيون وڃن. مودي سرڪار جي اقليتن خلاف پرتشدد قدمن سبب مسلمانن، عيسائين، سکن، دلتن ۽ قبائلين تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.رپورٽ مطابق بي جي پي جي حڪومتي د??ر ۾ مذهبي اقليتن تي حملن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مسجدن سميت اقليت?? جي عبادتگاهن کي ڊاهيو ويو آهي. مودي سرڪار جي جابراڻين پاليسين سبب اقليتن کي ملڪيتن کان محروم ڪيو پيو وڃي جنهن سبب بهار، اتر پرديش، دهلي ۽ ٻين شهرن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين مذهبي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻين اقليتن وانگر مسلمانن کي شهريت ترميمي ايڪٽ ۽ اين آر سي جهڙن قدمن سان پوئتي ڌڪڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب آسام ۾ 7 لک مسلمان?? جي شهريت کي خطرو آهي. آمريڪي ڪميشن رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ اقليت?? جي حوالي سان مذهبي آزادي بابت قدمن کي ساراهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ وقت سر ۽ اثرائتن قدمن سبب مذهبي اقليت?? جي آزادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. مذهبي آزادي لاءِ ڪرتارپور راهداري، سياسي ميدان م و??يڪ نمائندگي ۽ قانوني تحفظ جهڙيون اهم ڪوششون تحسين جوڳيون آهن.
مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری