ٽوڪيو-11 جولاءِ(??ي پي پي)جا??ان جي شهر اوڪيناوا جي اسيمبلي علائقي ۾ مقرر آمريڪي فوجي اهلڪارن طرفان جنسي ??شدد جي ڪيترن ئي الزامن تي رد عمل ظاهر ڪندي هڪ ٺهراءُ ۽ هڪ بيان جي گڏيل طور تي منظوري ڏني آهي. اين ايڇ ڪي موجب اوڪينا اسيمبلي جي اجلاس ۾ گذريل ڏينهن جا??ان ۾ مقرر آمريڪي سفير راحم ايما نوئل سميت آمريڪا سان احتجاج ڪيو ويو ته انسا??ي وقار کي پامال ڪندڙ ڏوهه جنسي ??شدد کي ڪنهن به ملڪ جي قانون ۽ انصاف تحت برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. ٺهراءَ ۾ آمريڪا کان مطالبو ڪيو ويو ته اهڙن ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ٺوس ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ اوڪيناوا جي رهواسين کي اهڙن قدمن بابت تفصيلي طور تي آگاه ڪيو وڃي. واضع رهي ته منظور ڪيل ق??نون ۾ وزيراعظم فوميو ڪيشيا سميت جا??اني حڪومت کي مخاطب ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará