گڏيل قومون-26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن سوڊ??ن ۾ خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻارڻ جي کوٽ بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي. سعودي ميڊيا ??ري??ن موجب گڏيل قومن جي ما??حت پناهگيرن جي هاءِ ڪمشنر جي ترجمان چيو آهي ته 20 هزار سوڊاني ملڪ ڇڏي چاڊ هليا ويا آهن جڏهن ته ڏکڻ سودان کان تقر??بن 4 هزار پناهگير پنهنجي وطن واپس آيا آهن. هاءِ ڪمشنر جي ترجمان جنيوا ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ايئن لڳي ٿو ته جنگ جي نتيجي ۾ اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ لڏپلاڻ ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو. ٻئي طرف گڏيل قومن جي انساني معاملن واري رابطا آفيس جي ترجمان ڌيان ڇڪرايو آهي ته خوراڪ، پاڻي، دوائن، ٻارڻ، بجلي ۽ رابطي ۾ شديد کوٽ درپيش آهي، ترجمان چيو ته تازي عسڪري سرگرمين کان اڳ سوڊ??ن ۾ انساني ضرورتن ۾ رڪارڊ اضافو رپورٽ ٿيو هو. تقر??بن 15.8 ملين ماڻهن کي بنيادي شيون گهربل هيون. اهو تعداد ملڪ جي ٽيون حصو جي آبادي جي برابر آهي.
سوڊان ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي کوٽ جو خدشو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2