اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم قبائلي علائقن (فاٽا) جي عوام کي تحفظ جو احساس فراهم ڪرڻ لاءِ ضم ڪرڻ جي عمل کي تي??ي سان مڪمل ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي، جڏهن ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) جي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان رڪا??ٽن ۽ مش??لاتن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان عمل کي خوش اسلوبي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ان ڳال??ه جو فيصلو نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت ۾ فاٽا سڌارن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس ۾ منعقد اجلاس ۾ قانون واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر، وزيراعظم جي سيڪريٽري، سيفران، ناڻي ۽ منصوبابندي ڊويزن جي سيڪريٽرين، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا، اي سي ايس فاٽا ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران فاٽا انضمام بابت عمل تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا