نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??اهد خاقان عباسي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??اهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن، ثقافت، تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلجي ويا آهن ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اهي وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ ??طحي مٽاسٽا ۽ اعليٰ ??طحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل ذريعي اداراجاتي رابطن کي ساراهين??ي ٻنهي اڳواڻن سياسي، دفاعي، واپاري ۽ سيڙپڪاري ??ٽاسٽا جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم سان ترڪي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا