اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير کانپوءِ مخالف ڌر جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ موجود هو، اسان اڄ به ايوان ۾ مخالف ڌر جون تقريرون ٻڌڻ جي لاءِ موجود آهيون، اميد آهي ته هو اسان جو جواب به ٻڌندي، پي ٽي وي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻن جون تقريرون سڌوسنئون ??يکارڻ سان گڏوگڏ نجي چينل کي به ف??ڊ ڏئي رهي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خورشيد شاهه پاران ??سپ??ڪر کي سڌوسنئون ??وريج ڏيکارڻ جي گذارش تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته هو مخالف ڌر اڳواڻ ۽ سمورن مخالف ڌر جي پارٽين جي اڳواڻن کي ايوان ۾ اچڻ تي ڀليڪار چوي ٿو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ