اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس، اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا مط??بق ايليسي صدارتي محل اربع ڏينهن هڪ پڌرائي ۾ ٻڌايو ته فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ت?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1901 تي سختي سان عملدرآمد ڪري لبنان جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي کي بحال ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هن لبنان ۾ گڏيل قومن جي عبوري فورس (ي?? اين آءِ ايف آءِ ايل) سان فرانس جي عز?? جو ور??اءُ ڪيو. ايليسي صدارتي محل چيو ته فرانس ان رخ ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏ بيٺل هوندو ۽ تمام جلد لبنان جي حمايت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪندو. پڌرائي مط??بق فرانسيسي صدر هڪ ڊگهي مدي واري حل تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي عز?? جو ور??اءُ به ڪيو جيڪو اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ گڏيل قومن جي تيار ڪيل عارضي سرحد بليو لائن جي ٻنهي طرفن جي آبادين جي حفاظت کي يقيني بڻائي.
اسرائيل لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري: فرانس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار