گڏيل قومون-29 ڊس??بر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش نئين سال جي موقعي تي گذريل سال جي مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي دنيا تي زور ڀريو آهي ته هو ايندڙ سال ۾ اتحاد ۽ اميد جو دامن هٿ مان نه ڇڏين. چائنا گل??بل ٽيليويزن نيٽ ورڪ (سي جي ٽي اين) موجب هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته 2023ع وڏين مشڪلاتن، تشدد ۽ ماحولياتي افراتفري جو سال رهيو آهي، انسانيت درد ۾ مبتلا آهي ۽ اسان جو سياره زمين خطري ۾ آهي جڏهن ته 2023ع گرم ترين سال رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته مستقبل کي نظر ۾ رکندي دنيا 2024ع کي اعتماد جي نئين سر تعمير ۽ اميد جي بحالي لاءِ وقف ڪري.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس