خرطوم -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سوڊان ايران سان 7 سالن بعد ڪٽيل سفارتي ناتا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سوڊان جي پرڏيه?? وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته ه?? ايران سان ناتا بحال ڪري رهيا آهن. وزارت چيو آهي، ته ناتا بحال ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ??ي اعليٰ سطحي اجلاسن بعد ڪيو ويو آهي. ناتن جي بحالي سان ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايران طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته ايران جي پرڏيه?? وزير حسين امير عبداللهيان جولاءِ ۾ چيو هو ته باڪو ۾ وقتي سوڊان جي پرڏيه?? وزير علي الصادق سان سندس ملاقات بعد ٻئي ملڪ ناتا بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙو اعلان ٻنهي ملڪن جي پرڏيه?? وزيرن وچ ۾ ٿيل ملاقات جي 3 مهينن بعد سامهون آيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا