گڏيل قومون-21 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ رجسٽرڊ 64 لک کا?? وڌيڪ فلسطيني پناهگير هاڻي به ڪيمپن ۾ زندگي گذاري رهيا آه??. س??ودي خابرو اداري موجب پناهگيرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي فلسطيني ڳ??پ واري مرڪزي اداري پاران جاري ڪيل پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته 28.4 سيڪڙو فلسطيني پناهگير گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (انروا) جي 58 سرڪاري ڪيمپن ۾ رهندڙ آهن. رپورٽ موجب فلسطيني پناهگيرن جا اردن ۾ 10 ڪيمپ، شام ۾ 9 ، لبنان ۾ 12، اولهندي ڪناري ۾ 19 ڪيمپ ۽ غزه جي پٽي ۾ 8 ڪيمپ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1948ع ۾ 800،000 کا?? وڌيڪ فلسطيني بي گهر ٿيا ۽ 200،000 کا?? وڌيڪ فلسطيني، جن ۾ اڪثريت اردن ۾ پناهه ورتي، جون 1967ع جي جنگ کا??پوءِ بي گهر ٿيا هئا. رپورٽ موجب 2021ع جي آخر ۾ دنيا ۾ فلسطينين جو ڪل انگ تقريبن 14 ملين هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 1948ع جي نڪبه ج?? واقعن کا??پوءِ فلسطينين جي انگ ۾ تقريبن ڏهوڻ تي اضافو ٿيو آهي جنهن مان تقريبن اڌ يعني 7 ملين تاريخي فلسطين ۾ آباد آهن. آبادي جي اندازن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 2021ع جي آخر تائين اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين جي آبادي 3.2 ملين ۽ غزه جي پٽي ۾ تقريبن 2.1 ملين ماڻهن تائين پهچي وئي آهي. والاريل بيت المقدس ۾ 2021ع جي آخر ۾ فلسطيني آبادي تقريبن 477 هزار تائين پهچي وئي، انهن انگن اکرن جي بنياد تي فلسطيني (تاريخي فلسطين“ جي علائقي ۾ رهندڙ آباد جو 49.9 سيڪڙو آهي، جڏهن ته يهودي ڪل آبادي جو 50.1 سيڪڙو آهن جيڪي تاريخي فلسطين جي ڪل ايراضي جي 85 سيڪڙو کا?? وڌيڪ جو استحصال ڪن ٿا.
58 ڪيمپن ۾ 60 لک کان وڌيڪ فلسطيني پناهگير آهن: گڏيل قومن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز