اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ت??ريڪ انصاف ج?? وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته پاڪستان ت??ريڪ انصاف ج?? پارلياماني پارٽي متفقه طور تي عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان اسان جي وزيراعظم جو اميدوار هوندو. مقامي هوٽل ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ تحريڪ انصاف ج?? پارلياماني پارٽي جو پهريون باضابطا اجلاس ٿيو. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته تحريڪ انصاف اه?? پارٽي ??هي جنهن تي ??رح ??رح جي تنقيد ڪئي ويندي هئي پر اڄ اه?? پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي پارٽي ??هي ۽ يقينن وفاقي پارٽي بڻجي اڀري ??هي جنهن جي نمائندگي پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ فاٽا ۾ پڻ آهي.
پارلياماني پارٽي عمران خان کي پارلياماني اڳواڻ نامزد ڪري ڇڏيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن