دوشنبي – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف تاجڪستان ??ي صدر امام علي رحمانوف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي ۽ واپار، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو. پيلس آف دي نيشن ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ويجهي سياسي رابطن کي اسٽريٽجڪ تعاون ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. صدر ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان ??و اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان پنهنجي دوستي جا 25 سال ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي ميم??رش?? حاصل ڪ??ڻ ۾ پاڪستان ??ي مدد ڪرڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ??در امام علي رحمانوف جي قيادت ۾ ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي ساراهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania