ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سندس حڪومت سيڙپڪار دوستاڻي ماحول جي قيام لاءِ هڪ جامع منصوبو تي??ر ڪيو آهي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ پنهنجي پاليسين کي آزاداڻو بڻائي رهي آهي، ملڪ ۾ نئين سرمائي جي آمد لاءِ اسان مراعتون فراهم ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ ٽيڪس ڇوٽ، ٽيرف ۾ گهٽتائي، انفرااسٽرڪچر ۽ سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ خدمتون شامل آهن. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي ??رل?? اڪنامڪ فورم جي 47 هين سالياني اجلاس ج?? موقعي تي گول ميز ڪانفرنس ۾ مشهور ڪمپنين جي سربراهن جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي چئي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ