نارووال – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آ??ي، هر اونڌاهي کي روشني سان شڪست ڏينداسين، ڪجهه سياستدان هروڀرو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انهن جو ڪوڙ ٻڌي ٻڌي عوام به تنگ اچي چڪو آ??ي، ڪوڙ جي سياست پاڪستان لاءِ انتهائي خط??نا?? آ??ي، جيڪڏهن ترقي ۾ هٿ نٿو ونڊايو وڃي ته اسان جو هٿ نه روڪيو ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ڏيو، غريبن کي صحت جي مفت سهولتن لاءِ قومي صحت پروگرام هڪ عظيم مقصد ت??ت شروع ڪيو ويو آ??ي، خدمت خلق سان جيتري خوشي ملي ٿي ڪنهن ٻي ڪم ۾ نٿي ملي، ان پروگرام جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو، وزيراعظم ڪالاشاه ڪاڪو کان بدوملهي کي موٽر وي سان ڳنڍڻ ۽ بدو ملهي کان نارووال تائين جي علائقي کي به موٽر وي سان ملائڻ ج?? اعلان ڪيو. ڪالهه خميس ڏينهن هتي قومي صحت پروگرام جاري ڪرڻ ج?? تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو هڪ نيڪ مقصد لاءِ نارووال اچڻ تي گهڻو خوش آ??ي، موذي مرضن ۾ مبتلا مريضن کي مفت سهولتن جي فراهمي لاءِ قومي صحت پروگرام جاري ڪرڻ هڪ وڏي مقصد ت??ت شروع ڪيو ويو ۽ نارووال ۾ هڪ لک 60 هزار خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته معاشي ناهموارين کي روڪڻ اسان جو مقصد آ??ي، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ مون جهڙي ماڻهو کان مخلوق جي خدمت جو ڪم وٺي رهيو آهي جنهن تي وڏي خوشي آهي.
پاڪستان تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا