اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سيڪيورٽي جي معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي موقف کي هڪ طرف رکي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. سينيٽ ۾ ڪوئيٽا سان??ي ۽ مردان سانحي تي بحث سهيڙيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ڪوئيٽا سانحو ۽ مردان سانحو افسوسناڪ آهن، ان حوالي سان ايوان ۾ ڪجهه تيز ڳالهايو ويو، ميمبرن تفصيل سان ڳالهايو پر ڪجهه اهڙيو?? شيون به هيون جن تي ڳالهايو ويو، ج??ڪي هن مسئلي سان لاڳاپيل ئي نه هيون. هن چيو ته آئون سڀني جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو، بدقسمتي سان ڪجهه اهڙيو?? شيون هونديون آهن جن جو اظهار ٿي ويندو آهي ۽ اهي چٽي ڏينهن وانگر ظاهر به ٿي وينديون آهن، انهن ٻنهي سانحن جي آئو?? پرزور مذمت ڪريان ٿو.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا