گڏيل قومون – 04 اپريل (اي پي پي) اتر ڪوريا گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ پيانگ يانگ خلاف آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي کي روڪڻ لاءِ ويٽو پاور جو ??ستعمال ڪرڻ تي روس جو ٿورو مڃيو آهي. روسي خابرو اداري تاس مطابق گڏيل قومن ۾ اتر ڪوريا جي مستقل نمائندي ڪم سونگ صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي ۾ اتر ڪوريا تي ٺهراءُ 1718 مطابق لاڳو ڪيل پابندين جي ڪميٽي جي سهڪار ڪندڙ ماهرن جي پينل جي مي??ڊي?? ۾ توسيع تي زور ڏنو ويو. هن چيو ته روس طرفان ويٽو پاور جو ??ستعمال ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا ڪڏهن به پيانگ يانگ تي سلامتي ڪونسل طرفان لاڳو پابندين يا پابندين واري ڪميٽي جي س??گر??ين کي تسليم ناهي ڪيو. گذريل هفتي روس گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ پنهنجو ويٽو پاور استعمال ڪيو ۽ اتر ڪوريا تي پابندين با??ت هڪ ماهر پينل مي??ڊي?? ۾ 30 اپريل 2025 تائين توسيع لاءِ آمريڪا طرفان پيش ڪيل هڪ ٺهراءُ جي مسودي کي روڪي ڇڏيو. سلامتي ڪونسل جي 15 مان 13 ميمبرن ٺهراءُ جي مسودي جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته چين ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
اتر ڪوريا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پابندين بابت آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي روس جو ٿورو مڃيو
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث