اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ 50 لک گهرن جي تعمير جي پروگرام کي حڪومت جو فليگ شپ منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سوچ گذريل حڪومتن کان مختلف آهي، غربت جي خاتمي جي لاءِ ??هٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير انهي سوچ جو هڪ اهم جز آهي، اسٽيٽ بئنڪ پاران ??هٽ لاڳت جي گهرن جي تعمير جي لاءِ قرضن جي فراهمي ۾ ڏنيون ويندڙ مراعتون هڪ وڏو قدم آهي، ان منصوبي سان اٽڪل 40 لاڳاپيل تعميراتي صنعتون فعال ٿينديون، ??وز??ار جا وسيع موقعا پ??دا ٿيندا، معيشت ترقي ڪندي، حڪومت شهرن جي پکيڙ بدران گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير کي ترجيح ڏئي رهي آهي. هو اسٽيٽ بئنڪ جي ??هٽ لاڳت جي گهرن جي تعمير جي لاءِ فنانس پاليسي جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪ??ي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر