ڪرتار پور/نارووال– 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم وڌائيندو ته پاڪستان ٻه قدم وڌائيندو، اس??ن ڀارت سان دوستاڻا، مضبوط ۽ مهذب لاڳاپا چاهيون ٿا، ماضي جي ??نجيرن کي ٽوڙي اڳتي وڌڻو پوندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي قوت اراديت سان اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، امن جي لاءِ پاڪستان جي ??ڪومت، سياسي پارٽيون، فوج ۽ سڀئي ادارا هڪ صفحي تي آهن، ڪرتاپور کي دروبين سان ڏسڻ وارا گردوارا درٻار صا??ب جي ياترا ڪري سگهندا، سک برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن اها ڳالهه ڪرتارپور لنگهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ