اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) تحريڪ انصاف ۽ اتحاد?? پارٽين جو صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي واضح اڪثريت سان 13 هون صدر چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مسلم ليگ (ن)، متحده مجلس عمل سميت ٻين اتحاد?? پارٽين جو اميدوار مولانا فضل الرحمان ٻئي نمبر جڏهن ته پيپلزپارٽي جي اميدوار اعتزاز احسن ٽئين نمبر تي رهيو. صدارتي چونڊن جي لاءِ چئني صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلي ۾ پولنگ ٿي.انهن ايوانن کي باقاعده رٿن ذريعي پولنگ ايجنٽ ??ور استعمال جي منظوري ورتي وئي هئي. پولنگ جي شروعات ص??ح 10 وڳي ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي ٽپهر چار وڳي تائين جاري رهي. قومي اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي مي??برن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز