جنيوا-11 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آھي ته ملڪ ۾ عورتن کي با ??خت??ار ۽ سرگرم شهري بڻائڻ لا??َ 50 کان وڌيڪ سڌارا آندا آھن. پرڏيھي ميڊيا موجب اھا ڳالھه سعودي عرب جي انساني حقن واري ڪميشن جي صدر ڊاڪٽر ھالا التويجري گذريل ڏينھن جنيوا ۾ عورتن خلاف متڀيد واري سلوڪ جي خاتمي بابت ڪميٽي جي 89 هين اجلاس ۾ پنھنجي خطاب دوران چئي. ڊاڪٽر ھاله چيو ته سعودي عرب ۾ ان حوالي سان جن سڌارن تي عمل ڪيو ويو آھي انھن ۾ سوشل سيڪيورٽي جي قانون ۾ مردن ۽ عورتن لا??ِ ريٽائرمينٽ جي حد 60 سال ڪرڻ پڻ شامل آھي. ھن چيو ته ليبر قانون ۾ به ڪجھه تبديلون ڪيون وي??ن آھن جن ۾ عورتن کي تحفظ ڏيڻ لا??ِ اھم نڪتن جو اضافو ڪيو ويو آھي. مردن ۽ عورتن وچ ۾ اڻبرابري واري سلوڪ کي ختم ڪري برابري جا حق ڏنا ويا آھن. سندس چوڻ ھو ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عھد شھزاده محمد بن سلمان جي ھدايت تي عمل ڪندي عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان ھاڪاري اڳڀرائي ٿي آھي ۽ ملڪ ۾ عورتن کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۽ برابري لا??ِ قانوني ترميمون ڪيون وي??ن آھن. جنھن سان عورتن کي وڌيڪ با??خت??ار بڻائڻ ۾ سھولت ملندي ۽ ڪنھن به قسم جي متڀيد واري سلوڪ جو خاتمو ٿيندو.
عورتن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ 50 سڌارا آندا آھن: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ