گڏيل قومون-28 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن خوراڪ جي زيان کي عالمي الميو قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ 78 ڪروڙ ماڻهو بک جو شڪ??ر رهيا جڏهن ته روزاني هڪ ارب ماڻهن جي ضرورت لاءِ ڪافي خوراڪ ضايع ڪئي وئي. الجزيره موجب ??ڏيل قومن طرفان جاري ڪيل فوڊ ويسٽ انڊيڪس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2022ع دوران خاندانن ۽ ڪمپنين 10 کرب ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو کاڌو اڇلي ڇڏيو جڏهن ته تقريبن 78 ڪروڙ ماڻهو بک جو شڪ??ر رهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته 2022ع ۾ هڪ ارب ٽن کان وڌيڪ خوراڪ يا مارڪيٽ ۾ دستياب مصنوعات جو تقريبن 5 حصو ضايع ڪيو ويو. خوراڪ جو وڌيڪ زيان گهرن ۾ ڪيو ويو.گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ا??گر ا??نڊرسن چيو ته خوراڪ جو زيان هڪ عالمي الميو آهي. رپورٽ ۾ اشارو ڪيو ويو ته خوراڪ جو هي زيان نه رڳو اخلاقي ناڪامي آهي پر ماحولياتي ناڪامي پڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب