جده-25 جنوري (اي پي پي) سعودي صحت واري وزارت مقامي شهرين ۽ رهندڙ پرڏيهين کي چيو آهي ته اهو امڪاني طور تي مستقبل ۾ پکڙجندڙ اڻڄاتل وبائي ??رض ايڪس بيماري سبب ڳڻتي ۾ مبتلا نه ٿين. ايس پي اي موجب سعودي صحت واري وزارت بيان ۾ چيو ته ايڪس بيماري ان قدر خطرناڪ ناهي جيترو صحت واري عالمي اداري جي بيان مان محسوس ٿئي ??ي. صحت واري وزارت چيو ته صحت واري عالمي اداري جو بيان فرضي منظرنامي ۽ تخيلاتي صور??حا?? تي ٻڌل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ان طرح جي خبر هر سال جاري ڪئي ??يندي آهي، صحت واري وزارت اڻڄاتل مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح سان تيا?? رهندي آهي ۽ هر طرح جي صور??حا?? تي مسلسل نظر رکندي آهي. صحت واري وزارت چيو ته صحت واري عالمي اداري ۽ صحت جي ماهرن گذريل ڏهاڪن دوران جيڪي بيان ڏئي رهيا آهن انهن جو مقصد هي آهي ته سڄي دنيا جا ملڪ پنهنجي صحت واري نظام کي بهتر بڻائين. صور??حا?? تي نظر رکڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر انتظام جو بندوبست ڪن.
مقامي شهري ۽ ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهي ايڪس بيماري سبب ڳڻتي ۾ مبتلا نه ٿين: سعودي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر