واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ??در جوبائيڊن پنهنجي يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي کي اڱاري تي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني آهي ته جيئن يوڪرين جي فوري ضرورتن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. العربيا اردو مطابق آمريڪي ??دارتي ترجمان بيان ۾ چيو آهي ته ٻئي صدر روسي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي فوري ضرورتن ۽ ان نازڪ لمحي ۾ آمريڪي ??مايت جاري رکڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. يوڪرين جي ايوان صدر بيان ۾ چيو آهي ته ان ملاقات ۾ يوڪرين ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌيڪ دفاعي سهڪار، خاص طور تي هٿيارن ۽ فضائي دفاعي نظام جي تياري جي گڏيل منصوبن ذريعي ٻه ??رفي سهڪار جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويندو. جوبائيڊن طرفان پنهنجي يوڪريني هم منصب کي وائٽ هائوس جي دعوت اهڙي وقت ۾ ڏني وئي آهي جڏهن اربع تي آمريڪي ??ينيٽ ۾ ريپبلڪن اپوزيشن وائٽ هائوس طرفان 106 بلين ڊالر ماليت جي هنگامي امدادي پيڪيج جي منظوري لاءِ پيش ڪيل درخواست کي روڪي ڇڏيو هو.
آمريڪي صدر جي يوڪرين هم منصب کي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز