اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته خصوصي ماڻھن جو عالمي ڏھاڙو ياد ڏياري ٿ?? ته معذور ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق انھن خيالن جو اظھار ھن خصوصي ماڻھن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چي?? ته اھو ڏينھن ياد ڏياري ٿ?? ته خصوصي ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي، ملڪ ۾ خصوصي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ جا??ع پاليسيون بڻايون ويون آھن ۽ ان تي عمل به ڪيو پيو وڃي ته جيئن اھي ماڻھو به ھڪ باعزت ۽ خودمخ??يا?? زندگي گذاري سگھن. سيد يوسف رضا گيلاني چي?? ته خصوصي ماڻھن کي ھمٿائڻ، انھن جي قابليت کي قبول ڪرڻ ۽ انھن لاءِ وسيلا ۽ موقعا فراھم ڪرڻ ھڪ مضبوط ۽ ترقي يافته قوم جي نشاني آھي. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي ان ذميواري کي بھتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
خصوصي ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث