اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري سان ملڪي معيشت تي مثبت اثر پوندا، پاڪستان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي تعاون جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت سميت ٻين شعبن ۾ تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو، ع??ام انتشار جي سياست رد ڪري ڇ??ي آهي، ع??ام ترقي ۽ ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ترقي ڪندو، معيشت و??يڪ مستحڪم ٿيندي. نور خان ايئربيس تي سياسي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بيلاروس جي صدر لوڪا شينڪو جو پاڪستان جو دورو تاريخي هوندو، بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مثالي حصيداري ۽ دوستي جو رشتو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپ?? کي ٽي ڏهاڪا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته اسان جي خوشقسمتي آهي ته اسان جي دوست ملڪ جو صدر پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته بيلاروس جي پرڏيهي وزير پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو جتي نائب وزيراعظم کيس ڀليڪار ڪيو ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته بيلاروس سان بزنس ٽو بزنس ۽ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿي رهيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي تعاون جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ زراعت جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو، ان کانسواءِ فارماسيوٽيڪلز، ٽريڪٽر مينوفيڪچرنگ، زرعي مشينري ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ تعاو?? کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس هڪ ٻئي کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ بيلاروس جو صدر پاڪستان آيو هو، سندس دورو تمام گهڻو فائديمند رهيو هو ان کانپوءِ نواز شريف پڻ بيلاروس جي دوري تي ويو هو. آستانه ۾ ٿيندڙ ايس سي او سمٽ دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي صدر لوڪاشينڪو سان ملاقات ٿي هئي ۽ بيلاروس کي شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني هئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بيلاروس جي صدر جي پاڪستان اچڻ تي ع??ام ۽ حڪومت سندس آجيان ڪري ٿي، ان دوري جا پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري چڪي آهي جيڪا ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، پيٽرول، اٽو، گيهه گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال سستا آهن، وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن پاران گرمي جي موسم ۾ بجلي جي صارفي?? کي 95 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي جنهن سان بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ونٽر پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، سردي ۾ به ع??ام جي سهولت لاءِ بجلي جون قيمتون مناسب رکيون وينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ جتي مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، وياج جي شرح گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران 8.8 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته دوست ملڪن پاران وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس سان معاهدن سان پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، ع??ام خوشحال ٿيندي. هن چيو ته بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو اسان جي لاءِ خوشي جو سبب آهي، سمورن مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويندو. اهو پاڪستان، معيشت ۽ ع??ام جي ترقي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته ع??ام انتشار جي سياست رد ڪري ڇ??ي آهي، ع??ام ترقي ۽ ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ترقي ڪندو، معيشت و??يڪ مستحڪم ٿيندي.
بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري سان ملڪي معيشت تي مثبت اثر پوندا، پاڪستان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي تعاون جاري آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے