اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ سيڪيو??ٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي بهادر پٽن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شه??دت ماڻيندڙ 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته وطن جي امن خاطر جانيون نڇاور ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن. سيڪيو??ٽي فورسز جي بهادر سپوتن جون عظيم قربانيون قيامت تائين ياد رکيون وينديون. قوم شهيدن جي سدائين قرضي رهندي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي مثال قربانين جو ڪو به مثال نٿو ملي. شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هميشه ساٿ نڀائينداسين.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری