اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آچر ڏينهن فيصل آباد ۾ شهيد ليفٽيننٽ ??رنل محمد علي جي رهائش گاهه تي ويو ۽ شهي?? جي ??هر??اتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت شهيد ليفٽيننٽ ??رنل محمد علي جي ??هر??اتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد لاءِ فاتحه خواني ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. ليفٽيننٽ ??رنل محمد علي گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. صدر مملڪت قوم طرفان شهيد ليفٽيننٽ ??رنل محمد علي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيد ليفٽيننٽ ??رنل محمد علي ۽ سندس خاندان جي وطن سان محبت ۽ قرباني جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ سندن خاندانن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر مملڪت چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندو. صدر مملڪت شهي?? جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جي فيصل آباد ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي جي رهائش گاهه تي آمد، گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ