اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪ??تا?? هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، اسان پنهنجي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪندا آهيون، ڪنهن کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين، يقين ڏياريان ٿو ته چونڊ عمل صاف، شفاف ۽ آزاداڻو هوندو، اسان جلد چونڊ عمل ۾ داخل ٿي?? وڃي رهيا آهيون، چونڊ عمل ۾ انتظامي سطح تي ڪنهن جي حمايت يا مخالفت نه ڪئي ويندي، افغان??تا?? ۾ استحڪام ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، تحريڪ طالبان پاڪ??تا?? سميت ٻين گروپن جي پاڪ??تا?? جي خلاف افغان سرزمين جي استعمال تي ڳڻتي آهي، افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال ٿي?? نه ڏي. ترڪ ٽي وي ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ن) يا پيپلزپارٽي سميت هر سياسي پارٽي جي سياسي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين. جيستائين پرامن احتجاج جو تعلق آهي ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي جڏهن ته پرتشدد احتجاج ڪنهن به طور تي قابل قبول نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊ تڪبنديون اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي ان تي عمل به ڪرڻو پوندو. چونڊ تڪبندين تي اعتراض اڳوڻي پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي وقت ٿي سگهيا ٿي ۽ اهو ئي ان جو صحيح فورم هو. اسان کي قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪرڻي آهي. جيڪڏهن آئين اسان کي نئين تڪبندين جو چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ??تا?? سميت هر ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ سازشي ٿيوريون گردش ڪنديون رهنديون آهن. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت هٽائڻ جي حوالي سان مداخلت جي الزامن جي پاڻ آمريڪا واضح ترديد ڪئي آهي. ڪجهه وقتن تي سياستدان عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙو موقف اختيار ڪندا آهن. هن چيو ته اسان هڪ خودمختيار ملڪ آهيون. ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ڪا به ٻاهرئين طاقت پاڪ??تا?? جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. پنهنجي مفاد کي نظر ۾ رکنداسين. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت کي اقتدار کان جدا ڪرڻ جي حوالي سان نگران وزيراعظم چيو ته آئين ۾ ڪنهن حڪومت کي ٺاهڻ ۽ ان کي هٽائڻ جي حوالي سان طريقو لکيل آهي، پاڪ??تا?? جي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان ڪم جي لاءِ آئيني رستو اختيار ڪيو ويو. ان جي لاءِ اهو سڄو عمل آئيني هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بدقسمتي سان ٽي چار ڏهاڪن کان اسان جي سويلين ادارن جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي. صحت، تعليم، ??ڪس وصولي يا قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ سميت مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي جي حوالي سان اسان کي چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ اسان کي مجبوري ۾ فوج جهڙي منظم اداري کان مدد طلب ڪرڻي پوي ٿي. هن چيو ته گورننس سميت پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ جي لاءِ اهو سڀ کان آسان رستو آهي ته ان جو ذميوار ڪنهن ٻئي کي قرار ڏنو وڃي. اسان کي سويلين ادارن جي صلاحيت وڌائڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان??تا?? ۾ نيٽو فوج ڪيترن ئي سالن تائين موجود رهي، انهن هتي 2 ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا پر ان جي باوجود ڪيترائي مسئلا اڄ به موجود آهن ۽ 15، 16 سالن کان افغان??تا?? جي سرزمين پاڪ??تا?? ۾ دهشتگردن جي حملن جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. اسان ان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 20 سالن تائين آمريڪا ۽ اتحادي فوج افغان??تا?? ۾ پنهنجو وقت ۽ وسيلا استعمال ڪيا ان جي باوجود سينٽرل اٿارٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. اتي هن وقت به مختلف تشدد پسند گروپ ??وجود آهن جن جو خاتمو پاڪ??تا?? ۽ افغان??تا?? جي گڏيل مفاد ۾ آهي. پاڪ??تا?? سرحد پار کان دهشتگردن جي حملن کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي سيڪيورٽي قدم کنيا آهن. تحريڪ طالبان پاڪ??تا?? (ٽي ٽي پي) پاڪ??تا?? جي خلاف پرتشدد ڪاررواين جي لاءِ افغان??تا?? جي زمين ۾ استعمال ڪري ٿي جنهن تي اسان کي ڳڻتي آهي. اسان افغان عبوري حڪومت سان اهو معاملو اٿاريندا رهيا آهيون. پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي حفاظت جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. پاڪ??تا?? هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ??تا?? وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پاڪ??تا??ي واحد قوم آهي جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ??تا?? ڀارت سان لاڳاپن کي مختلف ڏس ۾ ڏسي ٿو. پاڪ??تا?? کي معاشي مسئلا درپيش رهيا آهن ته ڀارتي حڪومت به معاشي مسئلن جو شڪار آهي. هن يقين واري انداز ۾ چيو ته پاڪ??تا?? جو مستقبل روشن آهي.
پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، اسان پنهنجي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪندا آهيون، ڪنهن کي پنهنجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا