اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪمانڊر (ر) عابد حسين خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سندس پٽ ليفٽي??نٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هن گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽي??نٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي والدين ۽ گهرڀاتين سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان گڏ تعزيت جي لاءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قوم شهيدن جا مقرو?? آهيون، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ليفٽي??نٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز