اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ??مينه عارف علوي خصوصي ماڻهن بابت بيانيي کي ت??دي?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ ت??دي??ي جي ضرورت آهي. هن ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام جو دورو ڪيو ۽ ڊائون سنڊروم کان متاثر ماڻهن کي معاشري ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪوششن کي ساراهيو. خاتون اول خاص طور تي شروعاتي سالن ۾ خاندان ج?? مدد ۽ انهن جي شموليت جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ڪئي. هن خصوصي ماڻهن کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن جي تشخص کي ت??دي?? ڪري سگهجي. خاتون اول لرننگ سينٽر ۾ ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ڳاله?? ٻولهه ڪئي ۽ ڊائون سنڊروم جي شڪار ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪي ڊي ايس پي جي ڪم کي ساراهيو. ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام هڪ غير منافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جيڪا ٻارن ۽ ڊائون سنڊروم جي شڪار ماڻهن جي سارسنڀال جي طريقيڪار جي نئين سر وضاحت جي لاءِ وقف آهي. اها تنظيم گذريل 8 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڊائون سنڊرم جي شڪار ماڻهن کي هڪ ٺوس معاشري ۾ آزاد ۽ پيداواري زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي.
خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری