اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي ترقي ۾ پڻ مدد ملندي، سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر اهڙن خيال?? جو اظهار ايوان صدر ۾ پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه جي عنوان سان ٽئين گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته سي پيڪ تحت تيار ڪيا ويندڙ پنج خصوصي اقتصادي زونز ۾ جديد ترين انفراسٽرڪچر هوندو ۽ پاڪستان حڪومت جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعت جي قيام جي لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي. هن مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي آسانين ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ذريعي پيش ڪيا ويندڙ موقعن مان فا??دو کڻن. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ چي?? جي سفير نونگ رونگ ۽ پاڪستان آبزرور جي چي?? ايڊيٽر فيصل زاهد ملڪ پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، ميڊيا ۽ واپاري برادري جي نمايان شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چي?? ته ملڪ جي سيڙپڪار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، جنهن ناليواري موبائيل فون برانڊز کي ??اڪستان ۾ فونز جي تياري ۽ اسمبلنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهن. هن واپاري برادري تي پڻ زور ڏنو ته اها حڪومت پارا?? جوڙيل پاليسين مان ڀرپور فا??دو کڻي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ٽيڪس ريفنڊز، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن جهڙين مراعتن مان فا??دو کڻي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه کي ??ثالي پاڪ چي?? ٻطرفن لاڳاپ?? جو عڪاس قرار ڏيندي چي?? ته سي پيڪ تحت وڏي سيڙپڪاري پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن جي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيندي. هن چي?? ته سي پيڪ اڳ ۾ ئي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي پراڻي دوست چي?? سان تع??ون جي سطح کي اڳتي وڌائي چڪو آهي. هن چي?? ته سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو اندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خطي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي چي?? ته سي پيڪ تحت ملڪ جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي نظام کي بهتر بڻائڻ، گردشي قرضن جي دائمي مسئلي کي ??نهن ڏيڻ ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ گهٽ قيمت تي توانائي جي مستقل فراهمي کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن گوادر ۾ چي?? پاران شروع ڪيل گهڻ رخي ڪم تي اطمينا?? جو اظهار ڪندي چي?? ته ان سان گوادر کي علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري جو مرڪز بڻائڻ جي خواب کي ??ورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته گوادر بندرگاهه افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي لاءِ هڪ مثالي سامونڊي رستو هوندو. هن افغانستان ۾ امن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو خطي ۽ پاڙيسري ملڪن جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي موقعن جي راهه هموار ڪندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت نوجوانن جي مهارت خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس پروگرام متعارف ڪرايو آهي جنه?? جو مقصد مقامي صنعت ۽ افرادي قوت جي برآمدي منڊي کي ??نرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تع??ون وڌيڪ وڌندو. صدر گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان آبزرور جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ اهو قدم پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ??ڪمل ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.
پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ