اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪندڙ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد سان ساڻس ملاقات ٿي آهي جيڪو گهرو وزير سليمان سوئلو ۽ ماحوليات، شهري معاملن ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم جي قيادت هيٺ پاڪستان جي دوري تي آهي. هن چيو ته هي وفد اسان جي تاريخ جي مشڪل ترين گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهي، ترڪيه جي مدد سان اسان کي وڏي طاقت ۽ اعتماد حاصل ٿيو آهي، اسان رجب طيب اردوان جا جيترا به ٿورا مڃون گهٽ آهن. هن چيو ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي.
ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري مضبوط رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ