اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ملاقات ڪئي جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي. وزيراعظم عمران خان ان ??وقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان ??راڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، ه?? ڪووڊ – 19 ??يڪ??ين جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تعاون کي به ساراهيو. ??يڪ??ين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ??يڪ??ينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر الجاسر وزيراعظم کي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ?? بريفنگ ڏني، جنهن ۾ افغانستان ??يومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ شامل آهي جيڪو افغان عوام جي انساني ۽ معاشي امادد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2019ع کي اسلام آباد ۾ منعقد اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان ??نهنجي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.
وزيراعظم عمران خان اسلامي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania