ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي ??صوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي ??رڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزيراعظم سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي ??صوصي دعوت تي وزيراعظم عمران خان روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي جيڪو روس جو دورو ڪري رهيو آهي. روس جي ??در پيوٽن ۽ وزيراعظم جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خ??ن عالمي ۽ خ??ي جي معام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي ??ورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي ??ڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.
وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ