اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪووڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪ??رڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ان عرصي ۾ برآمدات ۾ 25 سيڪڙو، ٽيڪس روينيو ۾ 38 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ رڪارڊ آمدني ٿي، صنعتي شعبي جو منافعو 950 ارب روپين جي رڪارڊ سطح تائين پهچي ويو، حڪومت جي سمارڊ لاڪ ڊائون جي پاليسي، تعميراتي صنعتي لاءِ مراعتون، سماجي تحفظ جي پروگرام، صنعتن، ننڍي ۽ ??چو??ي درجي جي ڪ??روبار جي لاءِ سبسڊي معيشت کي مستحڪم رفتار سان اڳتي وڌايو جنهن جي عالمي سطح تي مبصرين واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيال?? جو اطهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ميڪرو اڪنامڪ ايڊوائيزري گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، حماد اظهر، فواد چوڌري، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ ل??ڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، عام ماڻهو تي ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ گذريل 3 سالن ۾ معاشي سطح تي حڪومتي ڪ??ميابي?? جو جامع جائزو پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪوڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪ??رڪردگي جو مظاهرو ڪيو. حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسين، تعيمراتي صنعت جي لاءِ مراعتن، سماجي تحفظ جي پروگرام، صنعتن، ننڍي ۽ ??چو??ي درجي جي ڪ??روبارن جي لاءِ سبسڊي معيشت کي مستحڪم رفتار سان اڳتي وڌايو جنهن جي عالمي سطح تي مبصرين واکاڻ ڪئي. هن چيو ته حڪومت جا ٽي سال معاشي ڪ??ميابي جي ڪهاڻي آهن، ڇو ته اسان کي تمام وڏو گردشي قرض، برآمد مخالف پالييسيون، غير مستحڪم مالي حالتون، گهٽ چٽاڀيٽي ڪ??روباري ماحول ۽ نجي شعبي جي لاءِ مراعتن جي کوٽ جون پاليسيون ورثي ۾ مليون آهن، 2018ع ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ ادائيگين جي بدترين توازن جي بحران، ڪووڊ – 19 جي وبا جي ڪ??ي معاشي مشڪلاتن، عالمي منڊي ۾ جنسن جي وڏين قيمتن ۽ افغانستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي سڌو ۽ اڻ سڌو اثرن جي باوجود، واڌ جي شرح به 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي، جيڪا هڪ تمام وڏي ڪ??ميابي آهي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جيڪو مالي بحران ورثي ۾ڇڏيو ان مان ڪاميابي سان نڪرڻ کانپوءِ معاشي استحڪام جا مضبوط قدم کنيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران به سمورن علائقائي ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ معاشي ترقي ٿي. روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو، ٽيڪس روينيو 38 سيڪڙو اضافي کانپوءِ بلند ترين سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ به 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ رڪارڊ آمدني (آبادگارن کي 1100 ملين جي اضافي آمدني جي منتقلي) صنعتي شعبي جو 950 بلين روپي?? جو رڪارڊ بلند منافعو، حڪومت جي آءِ ٽي پاليسي جي ڪ??ي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي، آءِ پي پيز سان ٽيرف جي ڪ??مياب مذاڪرات کانپوءِ ماهوار گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي، مٿي ڏنل کانسواءِ حڪومت احساس تهت سماجي تحفظ جو سڀ کان وڏو پروگرام شروع ڪري فلاحي رياست جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو، اداره جاتي سڌارن کي لاڳو ڪيو ۽ ايف اي ٽي ايف جي شرطن جي ڪ??ميابي سان تعميل ڪئي جنهن اسان کي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ کان بچائي ورتو،
اجلاس ۾ شين جي بلند عالمي قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهن تائين منتقلي روڪڻ لاءِ تجويزون به پيش ڪيون ويون. تجويزن ۾ آمدني ۾ اضافو، ماڻهن جي خريداري جي سگهه، ??چو??ي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي تي ڌيان ڏيندڙ سبسڊيز ۽ سماجي تحفظ جي پروگرامن ۾ توسيع شامل آهي، وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ حالت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن جي معاشي حالت ۾ بهتري لاءِ ڊگهي مدي ۽ ??چو??ي مدي وارن منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻائين.