نيويارڪ -19 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي سياحت ڪمپني اسپيس وي آءِ پي خلا ۾ دنيا جي ??هرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. اردو نيوز مطابق آمريڪي لگزري اسپيس سياحت ڪمپني اسپيس وي آءِ پي انسانن کي اسپيس ۾ وٺي وڃي کاڌو کارائڻ جي آڇ ڪري رهي آهي. رپورٽ مطابق 6 مسافر ان مشن جو حصو بڻجند?? جن کي سمنڊ جي سطح کان هڪ لک ف??ٽ بلندي تي وٺي وڃي ڊنر ڪرايو ويندو. مسافرن کي اسپيس تي اسيپڪٽو ڪمپني جي ??اهيل نيپچيون نالي خاص خلائي ڪيپسول ۾ ويهاري ايئر بيلون ذريعي خلا جي سرحد تائين پهچايو ويندو. ان ايڊونچر جو حصو بڻجندڙ ماڻهن کي خاص مينيو تي مشتمل کاڌو کارائڻ لاءِ مشهور شيف راسمس منڪ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.نيپچون نالي ان اسپيس شپ کي هائيڊروجن سان ڀريل هڪ خلائي ڦوڪڻو منزل ڏانهن وٺي ويندو جتي مسافر ڪيترائي ڪلاڪ ترسي کاڌي جو مزو ماڻي س??هن ٿا. 6 ڪلاڪن جي ان سفر لاءِ مسافرن کي ڪنهن به قسم جي تربيت گهربل نه هوندي ۽ انهن لاءِ خا?? سوٽ به تيار ڪيا ويندا جيڪي فرانسيسي فيشن ڪمپني ڊيزائن ڪندي. ان ايڊونچر لا3 ڪير به اپلائي ڪري سگهي ٿو جنهن کي ٽڪيٽ جي ??يمت 4 لک 95 هزار ڊالرز (13 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.
آمريڪي سياحتي ڪمپني اسپيس وي آءِ پي پاران خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري، ٽڪيٽ 4 لک 95 هزار ڊالر مقرر
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن