واشنگٽن-17 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄائي آمريڪي شخصيت فوزيه جنجوعه کي ??ياست نيوجرسي جي ٽائون شپ مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.فوزيه جنجوعه پهرين مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي عورت آهي جيڪا ان عهدي تي مقرر ٿي آهي.پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪستاني سفير فوزيه جنجوعه س??ن ورچوئل ملاقات دوران چيو ته اوهان جي ڪاميابي پوري پاڪستان لاءِ فخر آهي ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ خوشي جو ??بب آهي. هن چيو ته اوهان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پل جي حيثيت رکو ٿا. پاڪستاني سفير ميئر کي مبارڪون ڏيندي آمريڪي سياست ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي، هن چيو ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي، آمريڪا جي سماجي، اقتصاد?? ۽ ??ياسي منظرنامي ۾ تمام وڏو حصو وجهي رهيا آهن، هن چيو ته اوهان جي چونڊ آمريڪي سياسي قيادت ۾ وڌندڙ تنوع ۽ آمريڪي سياست جي ڪڙين ۾ رنارنگ ثقافتن جي وڌندڙ انضمام جي نشاندهي ڪري ٿي. هن ميئر فوزيه جنجوعه کي ??عوت ڏني ته هو پنهنجي تڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان پاڪستان جو ??ورو ڪري ۽ کين پاڪستاني هم منصبن سان جوڙين.اوهان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار?? ۽ ??قتصادي پل بڻائي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن. پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته فوزيه جنجوعه اردو ۾ پاڪستاني ڊرامن، موسيقي ۽ کاڌي جي واکاڻ ڪئي. هن پنهنجي پٽن سان گڏ ئي پاڪستان جو ??ورو ڪرڻ جي خواهش جو ??ظهار ڪيو جيڪي ملڪ جي ثقافت جو ??جربو ڪرڻ جو منتظر آهن.
پاڪستاني سفير مسعود خان پاران فوزيه جنجوعه کي مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب