اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? شاهد خاقان عباسي چ??و آهي ته مون ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کان استعيفا طلب ناهي ڪئي، اسحاق ڊار کي عدالت سزا ناهي ڏني، ??يس هلندي عهدو نه رکڻ تي آئين ۾ ڪا به پابندي نه آهي، اسحاق ڊار کان وڌيڪ ڪو ٻيو بهتر ناڻي وارو وزير نٿو ٿي سگهي، ايل اين جي جي معاهدي جي هر طرح ??ان ذميداري منهنجي آهي، ا??ان معاهدي جي حوالي ??ان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ تفصيلي طور تي آگاهي ڏني آهي، مون تي الزام اهو هڻي جنهن جا هٿ صاف هجن، اقتدار جي منتقلي بهتر نموني ٿيڻ جمهوريت جي فتح آهي، ملڪي معيشت بهتري طرف قدم کڻي رهي آهي پر اهڙيون پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن حڪومتن جي اچڻ وڃڻ ??ان ڪو به فرق نه پوي، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظ?? شاهد خاقان عباسي چ??و ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو عوام قبول ناهي ڪيو ۽ اهو تاريخ تي ڇڏيو وڃي ته اهو فيصلو صحيح هو يا غلط، هن چيو ته اقتدار جي منتقلي بهتر انداز ۾ ٿيڻ ??ان جمهوريت جي فتح ٿي آهي، ڇو ته گهڻن جو خيال هو ته ڪيترائي ايم اين ايز پارٽي ڇڏي ويندا ۽ ووٽ نه ڏيندا ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي پر انهن سڀني ڳالهين جي نفي ٿي ۽ اقتدار بهتر نموني ??ان منتقل ٿي ويو ۽ ڪا به ڇڪتاڻ نه ٿي، هن چيو ته 28 جولاءِ جي فيصلي تي تاريخ پنهنجو ضرور فيصلو ٻڌائيندي
حڪومت ملڪي معيشت بهتري طرف قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر