اسلام آباد – 04 آ??ٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ جي د??اع کي هر قيمت تي يقيني بڻائيندي?? پاڪستان کي کوکلن بيانن ۽ جارحاڻي انداز سان ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، ڀارت کي د??يا جو ڌيان هٽرائڻ لاءِ سرجيڪل اسٽرائيڪس جي ڪوڙين دعوائن جهڙين بيڪار ڪوششن بدران خطي ۾ جامع امن جي لاءِ ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو ڪنهن به ملڪ يا قوم جي خلاف ڪو جارحاڻو ارادو نه آهي تنهن هوندي به امن جي اسان جي جستجو جو غلط مطلب وٺي ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان جي هٿياربند فوج قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به قسم جي خطري کي ناڪام بڻائڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي?? پاڪستان ۽ ڪشمير کي هڪ ٻئي کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو.
وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ